داداڀائي ولي محمد

داداڀائي، ولي محمد: مشهور سماجي سڌارڪ، الحاج ولي داداڀائي، جهوناڳڙهه، ڀارت ۾ جنم ورتو. ورهاڱي کانپوءِ هندستان ۾ پنهنجو سمورو ڪاروبار بند ڪري، سنڌ آيو ۽ نوابشاهه ۽ ميرپورخاص ۾ ڪاروبار جو آغاز ڪيائين. 1951ع ۾ هن برٽش ڪاٽن گروورس ڪارخانو خريد ڪيو، جيڪو خيرپور ضلعي جي سيٺارجا شهر ۾ قائم هو. اُن وقت اُتي رڳو ريلوي اسٽيشن هئي، پر شهر موجوده صورت ۾ آباد نه هو، نه ئي اُتي ڪي پڪا روڊ رستا ٺهيل هئا. الحاج ولي محمد سيٺارجا شهر ۾ فيڪٽريءَ سان گڏ 200 کن دڪان ۽ رهائشي جايون تعمير ڪرايون، جنهنڪري هي شهر وسيع ٿيندو ويو ۽ اڳتي هلي سيٺارجا خيرپور ضلعي جو اهم شهر ليکيو ويو. ولي محمد داداڀائي هڪ غريب پرور انسان هو. هُو مسڪينن جو مددگار، هٿ جو سخي هو. هو زندگيءَ جي آخري پساهن تائين سماجي ڪمن ۾ اڳڀرو رهيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو